اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون، ڪراچي جهاز حادثي جي شفاف ??اچ جي لاءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ايئربس جا سينيئر ترين پائليٽس به ??اچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي لائيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل ??اچ ڪرائي ويندي، پي آءِ اي ??ي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي حوالي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن، شفاف ??اچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳ?? 39 ??نٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ ره??ا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي ره??ا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪي??ن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ??ريعي سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي رهايو ويو.