اسلام آباد – 07 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏو بي نقاب ٿي رهيا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينه?? پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج اڀرندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه ??اڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان قائد ايف نائن پارڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي مناسبت سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.