اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي عي??الاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عي??الاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا ??کڙجڻ جو خدشو آهي، اسان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ ??با??ي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منص??با??ندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا ??با ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ۾ جدي?? اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحس??ن پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون موجود آهن.