اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن بلز جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد (ترميمي) بل 2023ع جي منظوري ڏني، بل جو مقصد ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي اسلام آباد 2013ع ترميم ڪرڻ ??هي. صدر پيٽروليم (ترميمي) بل 2023ع جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل جو مقصد پيٽروليم ??يڪ?? 1934ع ۾ ترميم ڪرڻ ??هي. صدر عارف علوي پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (ترميمي) بل 2023ع جي به منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ??يڪ?? 1973ع ۾ ترميم ڪرڻ ??هي. صدر بلز جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني.