ٺٽو-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ڪي??ي بندر ۾ ڪي??پ آفيس قائم ڪري پاڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان خطري واري علائقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪي??پن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ??يسڪيو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاڪستان آرمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ڪي??ي بندر جي سامونڊي پٽي جي غير محفوظ علائق?? ۾ ??هندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ??يسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي تہ جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ ??سڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪي??ي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ايف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ ??سڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪي??پون قائم ڪي??ن ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ساحلي علائقن مان اٽڪل 727 خاندانن کي ريسڪيو ڪري مختلف رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪي?? ويو آهي جتي کين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيو??، موبائيل اسپتال، دوائون، واش رومز ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪي??ن پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اسسٽنٽ ڪمشنر??، مختيارڪارن، چونڊيل نمائندن ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي ساحلي علائقن مان نڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ ??رگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن کان نڪري چڪا آهن ۽ انهن کي پڻ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪي?? مختلف رليف ڪي??پن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.