اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) واحد وفاقي پارٽي آه?? جنهن کي جڏهن به وطن پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ و??ير??عظم چيو ته هو قائد ميان محمد نواز شريف، پارٽي جي ساٿين ۽ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جا ٿورا مڃي ٿو جن مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي پارٽي جي صدارت لاءِ چونڊيو. پاڪستان مسلم ليگ نواز ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سياسي ارتقا جي م??حل?? مان گذرندي ملڪ جي اها واحد وفاقي پارٽي بڻجي اڀري آه?? جنهن کي جڏهن جڏهن هن ملڪ پڪاريو، ان هن ملڪ کي مصيبتن ۽ بحرانن جي منجهدار مان حفاظت سان ڪڍيو. هن چيو ته اهو پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي قيادت جي وچ ۾ نه ٽٽندڙ رشتو ئي آه?? جنهن جي ڪري جيترا ڀيرا به ان کي دٻائي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) اڳ کان به وڌيڪ قوت ۽ عوامي حمايت سان ٻيهر اڀري. اڄ منهنجو هن ملڪ جي خدمت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته مون کي سدائ??ن قائد ميان محمد نواز شريف جي هڪ اهڙي فرض شناس ڪارڪن طور ياد رکيو وڃي ته جنهن پنهنجون سموريون توانايون، صلاحيتون ۽ سگهه ملڪ پاڪستان ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ۾ لڳايون.