اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ف??انس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن و??يراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ف??انس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي د??را?? گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ ??رڪ?? ڪندو. فرانس جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه ??رڪ?? ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري د??را?? وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ ??رڪ?? ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري د??را?? مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.