ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه ??و سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه ??رفان جاري پڌرائي موجب پاڪ بحري?? جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن مقامي انتظاميه ??ان گڏجي طوفان سبب ??تاثر ماڻهن کي محفوظ ما??ن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پاڪ بحري?? جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول هاربر تي لنگر انداز ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه ??ا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ت?? جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه ??و جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي.