اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو اٺون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم ڪئي جڏهن ته پولش وفد جي قيادت پولينڊ جي پرڏيهي وزارت جي اندر سيڪريٽري ووبچ گيرويل ڪئي. پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماڪيج پسارسڪي پڻ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي، ڊيري ۽ زراعت، مالياتي شعبي، دفاع، لڏپلاڻ ۽ چرپر، اعليٰ تعليم ۽ ويزا نظام کي هم آهنگ ڪرڻ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي گ??يل ??واهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوس ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون جي حوصلا افزائي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب ڌرين گڏيل ??لچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جو جائزو ورتو. هن اهم معاملن تي موجود هم آهنگي ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪي??. م??اورت جو ايندڙ دور 2024ع ۾ وارسا ۾ ٿيندو.