اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ??رجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان پنهنجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ بيلاروس جي پرڏيهي وزير سرگئي ??يلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي ??يلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو ??بارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته بيلاروس پاڪستان کي خطي جو ??ڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي ??من ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم بيلاروس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ بيلاروس جي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 هين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ ??طحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪئي. ان سلسلي ۾ هن بيلاروس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ??ڻ ورجاءُ ڪيو.