اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان هن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي علائقائي ?? عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سي پيڪ سميت پاڪستان ۽ چين جي ٻين منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ٽيليفون تي ٺوس ۽ نتيجاخيز ڳا??هه ٻو??هه ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ?? عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ چين جي قدمن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم چيو ته هن چين جي بنيادي معاملن تي ان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان سي پيڪ سميت پاڪ چين قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ مون کي يقين آهي ته چين جديديت طرف اڳڀرائي جاري رکندو.