اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، سرديءَ کان بچاءُ جي ??اء?? خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ترڪيه جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم ??ذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. هن پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سان تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي ز??ان تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي ڪري قيمت جانين جي ز??ان تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، هولناڪ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي ز??ان تي پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، اسان جون سموريون همدرديون ترڪ ڀائرن سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪ ڀائرن جي ??اء?? هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان مان امدادي سامان ترڪيه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن، سرديءَ کان بچاءُ جي ??اء?? خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائرن جي ??اء?? فضائي، سامونڊي ۽ ٽرڪن ذريعي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٽرينن جي ذريعي به امداد جي فراهمي تي ??ور ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي وزارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفير روزاني جي بنياد تي صورتحال کان آگاهه ڪري رهيا آهن جنهن جي ڏس ۾ امدادي سامان جي فراهمي جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته زلزلي متاثرين جي بحالي تائين ترڪ ڀائرن جي حمايت جاري رکنداسين، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ترڪ حڪومت 2005ع جي زلزلي، 2010ع جي ٻوڏ ۽ تازي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن ترڪيه جي سفير کي چيو ته هو ترڪ ڀائرن جي ضرورتن جي حوالي سان آگاهه ڪري ته جيئن انهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ امداد جو بندوبست ڪري سگهجي، اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي ز??ان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، ترڪ ڀائرن جي مدد ??اء?? هر ممڪن قدم کڻنداسين. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم ??ذير تارڙ چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان وڏي پئماني تي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي، زلزلي متاثرين جي بحالي وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جو نجي ۽ سرڪاري شعبو مدد جي ??اء?? تيار آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي چيو ته تازي زلزلي ۾ قيمتي جانين جي ز??ان تي ڏک ۽ افسوس تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو آهي جنهن تي پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي ڪري فوت ٿيندڙن جو انگ 35 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ اسان کي ان صورتحال ۾ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، پاڪ فوج، اين جي اوز ۽ پاڪستان جا سرندي وارا ماڻهو امدادي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا.