اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه، حڪومت ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ مالي اس??حڪام آڻڻ جي لاءِ عزم ۽ صلاحيت سان مسئلا ح?? ڪرڻا پوندا، سياسي ۽ جمهوري عمل جي خلاف اٿندڙ آوازن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هر گذرندڙ ڏينهن سان برقرار ۽ مضبوط ٿيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سڄي ملڪ جي 54 چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ۾ عورت چيمبرز آف ڪامرس، سمال اينڊ ميڊيم چيمبرز اف ڪامرس، اپٽما، پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن ۽ اس??اڪ ايڪسچينج جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، سرحد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان جي م??اشي صورتحال جي ڏس ۾ سمورين سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ سان عام چونڊون منعقد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هڪ مڪمل نمائنده حڪومت جي چونڊ ڪري سگهجي جيڪا اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪري. صدر چيو ته آءِ ??يم ايف سان معاهدي تي صحيحون هڪ اهم فيصلو آهي جنهن سان ملڪ کي پنهنجي م??لي ۽ اقتصادي م??ڪلاتن کي ح?? ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ نمائنده حڪومت ئي پاڪستان جي عوام کي م??ڪل فيصلن تي رضامند ڪري سگهي ٿي. صدر ملڪ ۾ سياسي اس??حڪام کي م??لي ۽ اقتصادي اس??حڪام جي لاءِ بنيادي ۽ اهم ترين عنصر قرار ڏنو ۽ سمورين سياسي ڌرين تي زور ڏنو ته اهي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ متفقه تاريخ جي تعين جي لاءِ فوري طور تي ڳالهيون ۽ غور فڪر شروع ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي م??املن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي ارادي کي ساراهيو ۽ سياسي قوتن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور تي ان موقعي م??ن فائدو کڻن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جمهوري طريقيڪار جو سهارو وٺن ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪن. صدر چيو ته ملڪ جو گهڻو درآمدي بل توانائي جي پيداوار ۽ چرپر جي لاءِ اس??عمال ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات تي ٻڌل آهي، توانائي، پاڻي ۽ گئس جي بچت جي هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري ان لاڳت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن واپار ۽ صنعت کي گرين توانائي طرف منتق?? ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نه رڳو درآمدي بل کي گهٽ ڪري سگهجي پر ماحوليات کي به محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ سمورين ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ذريعي وبائي م??ض کي موثر انداز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري اس??ن سياسي، اقتصادي ۽ مالياتي م??اذن تي قوم کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪندي انهن کي ح?? ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته وومين چيمبرز آف ڪامرس کي عورت انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپس کي قيادت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن کان قرض حاص?? ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ بئنڪن قرضن جي لاءِ درخواست ڏيندڙ عورتن کي 100 سيڪڙو قرض فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي پر بدقسمتي سان عورتن پاران مختص قرضن مان رڳو 5 سيڪڙو ئي حاصل ڪيو ويو. هن ميٽا پاران شروع ڪيل هنرمندي جي تربيتي پروگرامن کي اس??عمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن عورتن کي م??رڪيٽ جي ضرورت موجب مهارت حاص?? ڪرڻ ۽ انهن جي م??نوعات ۽ خدمتن کي آن لائين وڪرو ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي هيٺئين سطح تي ڪاٽيج انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي م??حول جي فراهمي، عورتن جي م??ڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي م??لياتي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، خصوصي م??ڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن ذهني ۽ نفسياتي م??ضن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙن صحت جي م??ئلن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول جي نظام ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ پڻ ڪاروباري برادري جي فعال شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ ٻارن جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جي شرح جي م??يوس ڪندڙ صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي بئنڪ جي تازه ترين رپورٽ موجب پاڪستان ۾ رڳو 68 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اها هڪ سنگين صورتحال آهي ۽ ڪاروباري برادري سميت سمورين ڌرين کي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واپاري برادري جي تجويزن تي تبصرو ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي ٽرسٽ قانونن ۾ ترميمن جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرسٽ جي رجسٽريشن ۽ آپريشن کي آسان بڻائي سگهجي جنهن سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن کي خوش اسلوبي سان ح?? ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد مشاورتي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن واپاري برادري جي ٽيڪس، امپورٽ ڪليئرنس ۽ لائنز آف ڪريڊٽ کولڻ جي حوالي سان مسئلا ح?? ڪرڻ ۾ مدد ملي. ملاقات دوران واپاري برادري جي نمائندن ملڪ جي م??اشي صورتحال جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ موجوده مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪيو.