اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورا مذهب امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي تعليم ڏين ٿا، پاڪستان ۾ اقليتن کي انهن جا سمورا حق حاصل آهن، ملڪ کي ??ائداعظم ۽ علامه اقبال جي فڪر موجب هلائينداسين، نيشنل مينارٽي ڪميشن جو ڊرافٽ ??هي چڪو آهي، ان کي جلد قانون جي شڪل ڏينداسين، حڪ??مت اقليتن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي پاسداري ۽ انهن کي تحفظ جي ضمانت فراهم ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن و??ير??عظم آفيس ۾ ڪرسمس جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جيمز اقبال کانسواءِ هندو، سک ۽ پارسي سميت مختلف ڪميونٽيز سان تعلق رکندڙ اڳواڻ ۽ معزز پڻ موجود هئا. و??ير??عظم چيو ته اڄ اسان سڀ هتي مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ آهيون، آئون ڪرسمس تي مسيحي برادري کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ کان وٺي اڄ تائين مسيحي ڪميونٽي جي پاڪستان جي لاءِ بي شمار خدمتون ۽ قربانيون آهن، اسان سڀ دل جي گهراين سان انهن جو قدر ڪريون ٿا، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جسٽس ڪارنيليس، گروپ ڪيپٽن سيسل چوڌري، سسٽر رٿ فائو سميت مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي نمايان شخصيتن تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. و??ير??عظم چيو ته دفاع ۽ تعليم جي شعبي ۾ مسيحي برادري جو وڏو اهم ڪردار آهي، آئون پاڻ به مسيحي اسڪول مان پڙهيو آهيان، ميڊل پال ميري معلمه هئي، هوءَ هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهي. و??ير??عظم چيو ته حضرت عيسيٰ امن، ڀائيچاري، برداشت ۽ صبر جو پيغام ڏنو، حضرت عيسيٰ کي اسان به نبي مڃون ٿا، سمورا مذهب پنهنجي پنهنجي دائري ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي تعليم جي تعليم ڏئي رهيا آهن. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي، سک، هندو، پارسي سميت سمورين برادرين کي ??ائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي پيغام ۽ پاڪستان جي آئين تحت انهن جا سمورا آئيني ۽ سياسي حق برابر حاصل آهن، سڀني کي ??ورو حق آهي ته آئين تحت آزادي سان ڪم ڪن. و??ير??عظم گذريل ڏهاڪن ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي بدقسمت واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان اقليتن جا حق متاثر ٿيا پر پوءِ به اسان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪيو، گذريل ڏينهن ئي بنون ۾ عوام کي ??رغمال بڻائيندڙ دهشتگردن کي ??اڪ فوج جي سپوتن جهنم واصل ڪيو، ان دوران اسانجي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر جوانن شهادت پڻ ماڻي. و??ير??عظم چيو ته هي اهو آهي جنهن جو بنياد قائداعظم رکيو. و??ير??عظم ورڇ کان اڳ اسيمبلي جي اسپيڪر ايس پي سنگها کي ??ڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن جي فيصلائتي ووٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ سمورن ڪميونٽيز قربانيون ڏنيون، سمورا مذهب امن، محبت ۽ ڀائيچاري جا پوئلڳ آهن، اسلام ۾ ڪو ڏاڍ نه آهي، ڪو به مذهب ٻين تي ڏاڍ جي تعليم نه ٿو ڏي. و??ير??عظم چيو ته حڪ??مت اقليتن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي پاسداري ۽ انهن کي تحفظ جي ضمانت فراهم ڪري ٿي، جتي به امن امان ۾ ڪو خلل پيد اٿيندو ۽ زيادتي ٿيندي قانون برداشت نه ڪندو، ماضي ۾ جيڪڏهن اهڙا واقعا ٿيا ته ان تي افسوس آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ علامه اقبال جي فرمانن ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي خواب جي ??عب??ر بڻائينداسين، پاڪستان جو آئين اقليتن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، اسان ان کي عملي جامعو پارائينداسين. و??ير??عظم چيو ته قومي اقليتي ڪميشن جو ڊرافٽ ??هي چڪو آهي، ان کي جلد پارليامينٽ ۾ آڻينداسين ۽ قانون جي شڪل ڏينداسين. هن مسيحي اڳواڻ جي مطالبي تي ايڊورڊز ڪاليج پشاور جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي پڻ خاطري ڪرائي ۽ چيو ته لاڳاپيل عملدارن ۽ صوبائي حڪ??مت سان مشاورت ڪئي ويندي. و??ير??عظم سمورن ڪميونٽيز کي ??قين ڏياريو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ امن ۽ آشتي سان هتي سڀ رهندا. ان کان اڳ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سمورن ڪميونٽيز تي ٻڌل خوبصورت گلدستو آهي، و??ير??عظم حقيقي معنيٰ ۾ خادم پاڪستان آهي ۽ مخالف به ان جي صلاحيتن جا معترف آهن، هو مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ پاڻ هتي موجود آهي، سمورا مذهب، اخوت، ڀائيچاري ۽ محبت جا علمبردار آهن، ڪنهن انسان تي عقيدي جي حوالي سان ڪا پابندي نه آهي، اسان انتهاپسند نه آهيون پر اسان سڀ هڪ گلدستي وانگر آهيون، دهشتگردي ۽ شدت پسندي کي ??اڙ کان پٽي اڇلائينداسين، پاڪستان ۾ ڪنهن تي ڪو ڏاڍ نه آهي، هر انسان پنهنجو عقيدو رکڻ ۾ آزاد آهي، اسلام رياست جي حڪ??رانن جي سمورن شهرين سان هڪ جهڙو سلوڪ رکڻ ۽ سڀني جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جو حڪ?? ڏنو آهي ۽ ان ۾ ڪو فرق ناهي رکيو. هن وزارت پاران مختلف ڪميونٽيز جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو ۽ چيو ته قومي هم آهنگي جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. قومي اسيمبلي ميمبر جيمز اقبال چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن پڻ هن ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي ??ڪمل آزادي آهي، وزراعظم ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ زبردست ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان انهن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهيون. اقليي ڪميشن جي چيئرمين چيلا رام ڪيولاڻي چيو ته پاڪستان ۾ اقليت پنهنجا ڏينهن پنهنجي انداز سان ملهائين ٿا ۽ انهن کي آزادي حاصل آهي، سڀ ئي برادريُون گڏجي مذهبي هم آهنگي جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هن موجوده حڪ??مت پاران اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بشپ سرفراز پيٽر تقريب ۾ ڪرسمس جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزراعظم سمورن ڪميونٽيز جي نمائندن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.