اسلام آباد _ 1 نومبر (اي پي پي ) منصوبه بندي ،ترقي ، سڌ??رن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم ??هب??ز شريف جي ٻن ڏينهن واري چين جي سرڪاري دوري دوران مختلف شعبن جي مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيون ڪيون وينديون . ايم ايل ون کان پاڪستان ۽ چين ٻنهن ملڪن جي معيشت تي مثبت اقتص??دي اثر پوندا . انهن خيالن جو اظهار هن ??هب??ز شريف سان گڏ چين جي دوري لاءِ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو . وفاقي وزير چيو ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترن ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيون ڪيون وينديون . احسن اقبال چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهن ملڪن جي معيشت تي مثبت اقتص??دي اثر پوندا . هن وڌيڪ چيو ته چين صنعتي ترقي جي بنياد تي معاشي ترقي ڪئي . هاڻي سي پيڪ تحت سهڪار کي هٿي ڏينداسي . سي پيڪ صنعتي سهڪار سبب روزگار جا نوان موقعا ملندا . سي پيڪ زرعي سهڪار لاءِ به سهڪاري ثابت ٿيندو.