اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها والاريل خطي ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم?? سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪش??يري عوام جي خواهشن موجب پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 27 آڪٽوبر 2022ع تي ڪش??ير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ه?? سال 27 آڪٽوبر تي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن. اسان گذريل ساڍن 7 ڏهاڪن کان ڀارتي قابض فوج جي جاري ظلمن جي مذمت ڪندي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايون ٿا، ان ڏينهن پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آزادي جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ان جي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿي. هن چيو ته بيگناهه ڪش??يري مردن، عورتن ۽ ٻارن جي ڪيترين ئي نسلن ڀارتي ڏاڍ، رتوڇاڻ ۽ تشدد کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏٺو. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير فوجي گهيراءُ ۾ آهي جنهن ۾ والاريل خطي جي ماڻهن جي بنيادي آزادين تي سخت پابندي?? سان وڌيڪ شدت آئي آهي. صدر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم?? سان گذريل ٽ?? سالن ۾ صورتحال ڪافي خراب ٿي آهي جنهن ڀارتي آئين تحت ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪن ٿا جن ?? چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪش??ير جو حتمي فيصلو ڪش??يري عوام جي مرضي موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ ڄمون ۽ ڪش??ير اظهار جي آزادي تي بي مثال پابندين، فرضي مقابلن، گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين، حراستي تشدد ۽ مارجڻ، جبري گمشدگين، سينيئر ڪش??يري قيادت ۽ نوجوان ڇوڪرن کي نظربند ڪرڻ، پيلٽ گنز جي استعمال خاص طور تي ڪش??يري نوجوانن کي نشانو بڻائڻ، ڪش??يرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي لاءِ گهرن کي ساڙڻ ۽ محڪوم بڻائڻ جي ٻين طريقن جو نشانو بڻيل آهي. 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 690 کان وڌيڪ بيگناهه ڪش??يري عدالت کان مٿانهون قتل ٿي چڪا آهن. صدر چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ڄمون ۽ ڪش??ير جو تڪرار زبردست مشڪلاتن جي خلاف اميد جي جنگ، خوف جي خلاف همت ۽ ظلم جي خلاف قرباني جي جنگ رهيو آهي. اسان جي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن ظلم ۽ ڏاڍ جي بدترين شڪلين جو مقابلو ڪندي مثالي همت ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان انهن هزارين ڪش??يرين جي رت جي قدر ڪريون ٿا جنهن ڀارت جي ناجائز قبضي کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.