اسلام آباد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) جتي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ جي اُڀرندڙ صورتحال انسانيت کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، اتي پاڪ فض??ئي?? جي اهلڪارن شانه بشانه پاڪ فض??ئي?? جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پڻ ٻوڏ متاثر علائقن جي پريشان حال ٻارن ۾ خوشيون ورهائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاري امداد ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پاڪ فض??ئي?? جي ترجمان مطابق پاڪ فض??ئي?? جي شاگردن آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ چاڪليٽ، مٺايون ۽ اسٽيشنريءَ جو سامان خريد ڪيو ۽ـ ان مقصد لاءِ انفرادي طور تي عطيا گڏ ڪيا. ٻوڏ متاثرن علائقن جي ٻارن ۾ روزمره ا??تع??ال تي ٻڌل شين جا 17 هزار کان وڌيڪ پئڪيٽ ورهايا ويا، جنهن سان متاثر ٻارن جي چهرن تي مُسڪراهٽ واپس اچي وئي. پاڪ فض??ئي?? طرفان اهي ڪوششون ان ڳالهه جي عڪاسي آهن ته پاڪ فض??ئي?? قوم جي سڏ ڪرڻ تي هميشه لبيڪ چيو ۽ اهو ته پاڪ فض??ئي?? قدرتي آفتن ۽ حادثن سبب متاثر ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ امدادي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي.