ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات ٿي. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي جيڪو خميس ۽ جمعي تي ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، خواجه محمد آصف، مفتاح اسماعيل ۽ ايراني عم??دار پڻ موجود هئا.