اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ??مدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ??يس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ ??ءِ ??ي او سي) سمورن ڌُرين سان مڪمل هم آهنگيءَ سان گڏ??گڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ ب??ال??ءَ جي عمل ۾ معاونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي ب??ال??ءَ لاءِ ??ول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ متاثر ماڻهن کي امدادي ڪمن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي ب??ال?? ۽ امداد جي فراهميءَ لاءِ ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ ??طيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.