اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وار??نگ جي ڪ??ي گليشيئرز جي پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتس??ان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ گلگت بلتس??ان جي گورنر سيد مهدي شاهه سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال، گلگت بلتس??ان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بلتس??ان يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي مستقل مقرري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي گلگت بتلس??ان جي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يونيورسٽي کي درپيش مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪيو، موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وار??نگ جي ڪ??ي گليشيئرز پگهرڻ جي رفتار تيز ٿي، گلگت بلتس??ان جو خطو موسمياتي تبديلين جي ڪ??ي خصوصي طور تي متاثر ٿيو. هن چيو ته گلگت بلتس??ان ۾ سياحت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن.