سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وز??راعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وز??ر انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، پاڻي وسيلن واري وفاقي وز??ر سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وز??ر سيد مراد ??لي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وز??راعظم جي آجيان ڪئي. وز??راعظم کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي ??ي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون ??ه ڪم ??ري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ??ري رهي آهي. وز??راعظم کي متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.