اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پا??ستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پا??ستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذوالفقار علي ڀٽو چين پا??ستان لاڳاپن جو معمار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا?? چائنا سي پيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون ??ان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پيڪ جي ذريعي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ ??ان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پا??ستان جي پارليامينٽ سي پيڪ منصوبن جي جلد پڄاڻي جي حوالي ??ان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چيو ته پا??ستان جي پارليامينٽ ان حوالي ??ان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور بلوچستان ۽ عام طور تي سڄي خطي ۾ سي پيڪ منصوبي جي ذريعي خوشحالي ايندي، سي پيڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پيڪ جي حوالي ??ان جعلي خبرن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئي ??ان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ جي حوالي ??ان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اهو سي پيڪ هڪ فلنگ منصوبو آهي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.