اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. عيد تي پ??هن??ي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته رمضان المبارڪ ۾ بابرڪت سعادتن ۽ رحمتن کانپوءِ الله تعاليٰ عيد جو انعام عطا فرمايو آهي، جيڪو رب ڪريم جي بي پناهه عنايتن جو اظهار آهي. هن چيو ته صبر، ايثار ۽ قرباني جي ان مقدس مهيني اسان کي ٻين جي تڪليفن جو جيڪو احساس عطا ڪيو آهي، ان جي گهرج آهي ته عيدالفطر جون خوشيون ملهائيندي اسان پ??هن??ي ڀرپاسي سمورن لاچار ۽ ضرورتمند ماڻهن ۽ خاندانن جو خاص خيال رکون اهو هن ڏينهن جي حقيقي روح ۽ نبي رحمت خام النبين ﷺ جو پيغام آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قوم کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. عيدالفطر جا ٽي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن اهل وطن عيد جون خوشيون ڀرپور انداز ۾ ملهائي سگهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيدالفطر جي خوشين ۽ اڳ کان مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام جي تڪليف کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو، م??هن??و پ??هن??ي قوم سان واعدو آهي ته اسان جو هر ڏي??هن?? هر پل ۽ هر صلاحيت توهان جي زندگين ۾ آساني آڻڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي، هر ايندڙ ڏ??نهن سان گڏ توهان محسوس ڪندا ته توهان جي حڪومت جي محنت جي نتيجي ۾ توهان جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي خوشين جي هن ڏينهن اسان پ??هن??ي فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي محڪوم مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کي پڻ ياد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ انهن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ آزادي جي نعمت سان سرف??از فرمائي. هن چيو ته اسان پ??هن??ي افغان عوام جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاڳو آهيون.