اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم ??هب??ز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سعودي عر?? جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سعودي ول?? عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پ??ڪستان ۽ سلطنت سعودي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آئون ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان، ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سلطنت سعودي عر?? جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ول?? عهد شهزاده محمد بن زيد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.