اسلام آباد ?? 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پختونخوا ملي عوامي پا??ٽي جي و??د ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سينيٽر سردار شفيق ترين، سينئر نائب چيئرمين پختونخوا ملي عوامي پا??ٽي عبدالرحيم زيارت وال ۽ پختونخوا ملي عوامي پا??ٽي جي صوبائي صدر عبدالقهار ودان موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سيا??ي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.