اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ??راچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ??يني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي ۽ هو پنهنجي چيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ??اڪستان چيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان ڪڌي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صدر واقعي جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آهن جيڪي پاڪ چين دوستي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي هموا?? آهي ۽ هو سدا بهار دوستي ??ي سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن ناظم الامور کي چيو ته ??و چيني عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صدر شي جن پنگ تائين به اها دلي تعزيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته ??ئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهي تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ا?? واقعي جي پردي پويان ڏوهارين کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صدر سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته چيني عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائراڻي دوستي ۽ عوام جي سطح تي ??هرا لاڳاپا هموا?? آهن، هن چيو ته ??ن چيني شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آهي، ان المناڪ واقعي تي ??ين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. صدر چيو ته ??اڪستان ۽ چين جا گهرا دوستاڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آهن ان لاءِ هو چين پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريعي چين جي امن ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آهن، تنهن ڪري جتي به دهشتگرد آهن اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، صدر چين کي خاطري ڪرائي ته ??اڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چيني شهرين جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هي ٽئي چيني شهري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته ??نهنجي شهري?? وانگر چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين.