لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ اي??دڙ عام چونڊون ٽن مهينن ۾ ڪر??يون وينديون. گورنر هائوس لاهور ۾ پارٽي ورڪرز ۽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺين سطح تي مناسب مشاورت کانپوءِ پنهنجي نظرياتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيندي. ان موقعي تي پنجاب ??و گورنر عمر سرفراز چيمه، پنجاب ??و وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آئنده ٽڪيٽس جي نگراني پاڻ ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي ڪجهه غلطيون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ قيمت ادا ڪرڻي پئي، تنهن هوندي به هاڻي انهن غلطين مان سکن??اس??ن. هن اميد ظاهر ڪئي ته عوام اي??دڙ چونڊن ۾ انهن سياستدانن کي سبق سيکاريندي جيڪي غير ملڪي سازش جو ??صو بڻيا آهن، هن چيو ته انهن غدارن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي ۽ اسان انهن غدارن جي خلاف هر قيمت تي ۽ هر فورم تي وڙهن??اس??ن، وزيراعظم اعلان ڪيو ته اڄ رات عشاءِ جي نماز کانپوءِ ايف نائن پارڪ اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، هن چيو ته سازش جو ??صو بڻج??دڙ عنصرن جي سياست اي??دڙ اليڪشن ۾ ختم ٿي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان شفقت محمود کي روزاني لاهور ۾ احتجاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پنجاب ??ي گورنر عمر سرفراز چيمه کي به مبارڪباد ڏني.