اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته 7 مارچ تي ڌمڪي آميز خط مل?? ٿو، اڳئين ڏينهن ٻاهرئين طاقتن جون ڪٺ پتليون وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏين ٿيون. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جن جي ڦريل دولت ٻاهر پيل آهي اهي ذاتي مفاد جي تحفظ جي لاءِ قومي مفاد کي داءُ تي لڳائي ڇڏين ٿا، ڊرون حملن جي اجازت ان جو م??ال هو. آصف علي زردا??ي ٻڌائي ??يم?? گيٽ ۽ نواز شريف ڊان ليڪس ۾ ڇا ڪرايو هو اهي کليل حقيقتون آهن. پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي، قومي سلامتي ۽ قومي غيرت جي لاءِ ڪپتان ڄمي بيٺل آهي.