ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ولادي ??ير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ ت??انائي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عال??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ ت??انائي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عال??ي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس جو هي پهريون دو??و آهي ۽ ان دو??ي کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.