ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي ??وانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف ??عبن ۾ موجوده تعاون تي ??طمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي ??صوصي حوالي سان خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي لاءِ مختلف ??عبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روسي ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪستان جي بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻنديون ۽ پاڪستان جي معيشت جي مختلف ??عبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور واپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت مختلف ??عبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي ??طمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته بين الحڪومتي ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آجياڻي تي پاڪستان ۽ روس جي ناليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور واپ??ر ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مارچ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.