اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين مقرر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ي??نيسيف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني همدردي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لا??ِ حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ پاڪستان جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لا??ِ حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لا??ِ پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌ??ين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي لا??ِ پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني همدردي ج?? لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ ي??نيسيف جي ڪم ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پاڪستان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.