اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ري??ي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ چاهي ٿو، ملڪي مفادن جي سامهون رکندي آمريڪا سان بهتر??ن لاڳاپا چاهيون ٿا. اهي ڳالهيون هن ٽيڪسلا ۾ اور??نج فيسٽيول ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيُون. پرڏيهي وزير خاص مهمان طور جڏهن ته پاڪستان ۾ مقرر سفيرن جي وڏي تعداد ان اور??نج فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ گنڌارا تهذيب ??ي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان مختلف اسٽالز لڳايا ويا، پرڏيهي وزير فيسٽيول ۾ لڳايل اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙن فيسٽيول جي انعقاد سان پاڪستان جي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي ويجهو اهڙا ايونٽ مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي فروغ لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن. شاهه محمود ??ري??ي چيو ته پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي پر بدقسمتي سان گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ سبب اسان ان طرف صحيح معنيٰ ۾ ڌيان نه ڏئي سگهياسين، اڄ اسان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾، پنهنجي اقتصادي ترجيحن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان جي رستي، وچ ايشيائي رياستن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌايو وڃي جڏهن ته ڪجهه قوتون افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نٿيون ڏسڻ چاهين، افغانستان جي عبوري حڪومت واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيندا، هن چيو ته اسان پنهنجي مفادن کي سامهون رکندي آمريڪا سان پنهنجا بهتر??ن لاڳاپا چاهيون ٿا، چين سان اسان جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن ۽ روس سان اسان جي لاڳاپن ۾ هڪ نئون موڙ اچي رهيو آهي. اسان ڪنهن ڪيمپ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ سڀني سان بهتر??ن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، مخدوم شاهه محمود ??ري??ي چيو ته اسان هندستان سميت سمورن پاڙيسرين سان خوشگوار لاڳاپن جي پاليسي رکون ٿا، پر بدقسمتي سان هندستان سرڪار جي هندوتوا سوچ پوري خطي جي امن ۽ امان کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اڄ هندستان جي اندران هڪ وڏو طبقو ڀارت سرڪار جي ناقص پاليسين ۽ انتهاپسنداڻي سوچ جي خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.