اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته موجوده سياحتي ماڳن کا?? سياحن جي رش منتقل ڪرڻ لاءِ نوا?? سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، پاڪ??تا?? قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي انفراسٽرڪچر ۽ رهائش سميت سياحتي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرور?? آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم وزيراعظم جي سياحتي رابطن واري خاص مددگار اعظم جميل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ سياحتي شعبي جي فروغ بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي هدايت ڪئي ته موجوده مصروف سياحتي ماڳن کا?? سياحن جي رش گهٽ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ناردرن ايرياز ۾ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ متبادل سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، هن چيو ته پاڪ??تا?? قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي پنهنجي انفرااسٽرڪچر ۽ هائوسنگ سميت سياحتي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي ضرور?? آهي، هن هدايت ڪئي ته گورنر هائوس نٿيا گلي کي بحال ڪري رياستي مهمانن جي لاءِ خاص طور تي اهم سياحتي مرڪز طور تي ڊولپ ڪيو وڃي، هن هدايت ڪئي ته نجي شعبو خدمتون به ملڪ جي سياحت جي فروغ جي لاءِ حاصل ڪيون وڃن.