اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پهرئين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي قومي قيادت تي ٻڏل 21 رڪني آئيني ڪميٽي پارٽي جي نئين تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو ٻيهر پيش ڪندي، تحريڪ انصاف پاڪس??ان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا قومي پارٽي جو درجو رکي ٿي، پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنج?? مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، جمعي تي پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سينئر قيادت جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان پارٽي جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪ??و آهي. پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي قومي قيادت ت?? مشتمل آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارٽي جي نئين آئين تي ڪم ڪري رهي آهي، ڪميٽي تنظيمن جي باري ۾ بنيادي ڍانچو به پيش ڪندي، هن چيو ته سينئر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ نيون تنظيمون جوڙيون وينديون، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي چونڊن ۽ پاڪس??ان جي عمومي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، تحريڪ انصاف پاڪس??ان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي جيڪا وفاقي پارٽي جو درجو رکي ٿي، هن چيو ته عمران خان وفاق جو ليڊر آهي، گوادر کان خيبر تائين ڪراچي کان لاهور تائين هر جاءِ تي سندس ووٽ بئنڪ موجود آهي، تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا به ٻي پارٽي 1100 کان 1200 سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جي صلاحيت نٿي رکي، هن چيو ته پيپلزپارٽي اندورني سنڌ ۽ ن ليگ پنجاب جون پارٽيون آهن، تحريڪ انصاف جي ميمبر جي حيثيت سان اسان تي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان وفاق جي ذميدارين کي دلچسپي سان انجام ڏيون، هن چيو ته پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سياست متاثر ٿي ته ان سان پاڪس??ان جي سياست متاثر ٿيندي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي پهرين مرحلي جي بلدياتي چونڊن ۾ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي پرفارمنس تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، وليج ڪائونسل جي چونڊن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪس??ان تحريڪ انصاف هن وقت به خيبرپختونخوا جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، هن چيوته پي ٽي آءِ ۾ خانداني سياست نه آهي، عمران خان پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ذاتي رشتن کي پنهنج?? مشن تي حاوي نه ٿيڻ ڏنو، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو ڪ??چر پي ٽي آءِ ۾ آيو ته ان ۾ ۽ اسان ۾ فرق نه رهندو. هن چيو ته خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ ميرٽ جي ابتر ٽڪيٽ ورايا ويا، وزيراعظم بلدياتي چونڊن ۾ آيل شڪايتن تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف کي جهڙي طريقي سان هڪ وڏي پارٽي جي طور تي پنهنجو ڪرد??ر ادا ڪرڻ گهربو هو، هو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ نظر نه آيو تنهن ڪري پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پي ٽي آءِ جي سينئر قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ جي سمورين تنظيمن کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪ??و، پي ٽي آءِ جي سمورن عهديدارن کي عهدن ??ان هٽايو ويو آهي، پارٽي جي قومي قيادت تي ٻڌل نئين آئيني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان ڪميٽي ۾ خيبرپختونخوا مان پرويز خٽڪ، محمود خان، مراد سعيد، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور شامل آهن. پنجاب مان هو پاڻ (فواد چوڌري)، شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، خسرو بختيار، چوڌري محمد سرور، سيف الله نيازي، عامر ڪياني، عثمان بوزدار شامل هوندا. بلوچس??ان مان قاسم سوري، جڏهن ته سنڌ مان عمران اسماعيل ۽ علي زيدي ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان اسد عمر ان ڪميٽي جو حصو هوندا. هن چيو ته ڪنهن رشتيدار کي ٽڪيٽ ڏيڻ جا معاملا ڏسڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي ويندي، اهڙا ڪيس هن ڪميٽي وٽ ايندا ۽ هو ڪ??يٽي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪ??دي. هن چيو ته اسان جمهوريت جي لاءِ بلدياتي ادارن کي اهم سمجهون ٿا، خيبرپختونخوا ۾ ٻي مرحلي جي بلدياتي چونڊن لاءِ محمود خان کي ذميداري سونپي وئي آهي، ٽڪيٽ ڏيڻ جو هڪ ميڪنزم ٺاهيو ويندو، اهو ميڪنزم وزيراعظم جي منظوري سان ڏنو ويندو، پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي ٽڪيٽ جو فيصلو پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي سينئر ميمبرن ت?? مشتمل ڪميٽي وٽ ايندو، اها ڪميٽي مرڪزي سطح تي اميدوارن جو فيصلو ڪ??دي ته جيئن مقامي سطح تي ڪنهن قسم جي رنجش جهڙا معاملا شامل نه اچن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس بل اسان جو ذاتي بل نه آهي، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ نٿا وڃڻ چاهين ته مخالف ڌر ان جو متبادل حل سامهون کڻي اچي، هن چيو ته اربين ڊالر جو قرض انهن ماڻهن پنهنجي دورن ۾ ورتو جيڪو اسان کي واپس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن انهن وٽ ڪو متبادل نظام آهي ته هو کڻي اچن.