اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن هتي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪرسم?? جي تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ان موقعي تي مسيحي برادري ??ي ڪرسم?? جي مبارڪباد ڏني، هن ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪ??ر جنرل محمد عاصم ڪڇي جي اداري جي بهتري لاءِ ڪيل مخلصاڻي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ ڊائريڪ??ر جنرل ريڊيو پاڪستان چيو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سڀني لاءِ مذهبي روايتن جي آزادي جو درس ڏي ٿو. هن پاڪستاني مسيحي برادري کي ملڪ جي ترقي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي بشپ طارق جان چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي ?? ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب جي انعقاد تي پي بي سي جو ٿورو ادا ڪيو. تقريب ۾ مسيحي برادري کانسواءِ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي گيت به پيش ڪيا ويا ۽ ملڪي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.