اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، سارڪ پليٽ فار?? سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظي?? سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوا?? سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ??ه اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي ??ذم?? ڪئي، پرڏيهي وزير سارڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ??ه حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ??ه پاڪستان، سارڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ ج?? وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو ??هي، پاڪستان، سارڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ زمي??ي، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ??ه سارڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تبديلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير سارڪ تنظيم جي مقصدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.