فيصل آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪ??مت جي پوري ڪوشش آهي ته ??وام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي جنهن سان گڏوگڏ معاشري جي پيڙهيل طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته ??نڊسٽري به ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ??وام کي راشن ڪارڊ جي طرز تي احساس ڪارڊ ذريعي اٽي، کنڊ، گيهه، دالين تي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، پي ڊي ايم جيترا مرضي جلسا جلوس، ريليون ڪري اها پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي ۽ لولي لنگڙي، ٽٽل ڦٽل، سياسي بيروزگارن جي پي ڊي ايم سان حڪ??مت کي ڪو خطرو نه آهي ڇو ته ??وام انهن چورن، ڦورن ۽ قومي ڏوهارين کي بچائڻ جي لاءِ ٻاهر نه نڪرندي. گورنمينٽ ماڊل ايم سي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول سمن آباد فيصل آباد ۾ رحمت اللعالمين صه عشره جي سلسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ??المي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستان سميت سمورا ترقي يافته ملڪ ان سان متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته ??ڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون 37 ڊالر في بيرل تي هيون ته ??ڪ??مت عوام کي ريليف ڏيندي رهي پر هاڻي اها قيمت ٻيڻي کان به وڌي 85 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي تنهن ڪري حڪ??مت کي به قيمتن ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پيو آهي پر پوءِ به حڪ??مت پيٽرول تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽ ڪري 6.84 سيڪڙو ۽ پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪري 25 کان 30 بدران 5.64 رپيا ڪيو اهڙي طرح حڪ??مت پنهنجو رويني?? گهٽ ڪيو ته ??يئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ پيٽرول جون قيمتون اڃا به پاڪستان کين وڌيڪ آهن. فرخ حبيب چيو ته ??نيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 13.5 سيڪڙو اضافي جي ابتڙ اسان 8 سيڪڙو اضافو ڪري اربين جو بار پاڻ کنيو آهي. هن چيو ته ??هڙي طرح ڪوئلي جنهن سان بجلي پيداوار انڊسٽري هلي ٿي جي قيمت عالمي سطح تي 50 ڊالر في ٽن کان وڌيڪ 250 ڊالر ۽ کاڄرو تيل جي قيمت 500 ڊالر في ٽن مان وڌي 1200 کان 1300 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي جنهن سان گڏوگڏ ڪنٽينر شپنگ جا جيڪي چارجز اڳ ۾ 2000 ڊالر ۽ پهچ 1 مهينو هئي هاڻي ان جا چارجز وڌي 8000 کان 10 هزار ڊالر ۽ پهچ 3 کان 4 مهينا ٿي چڪي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته 1970ع کانپوءِ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري دنيا ۾ مهانگائي جي بدترين لهر آئي آهي جڏهن ته ??لوم برگ پڻ ان جي تائيد ڪئي آهي پر ان جي باوجود اسان عوام کي ريليف ڏيڻ جي سموري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ اسان جون گيهه ملز مالڪن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته ??يئن گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي جنهن جي لاءِ حڪ??مت ٽيڪسن جي مناسب گهٽتائي لاءِ پڻ تيار آهي. هن چيو ته ??ڪ??مت ايندڙ مهيني نومبر ۾ راشن ڪارڊ جي طرز تي 1 ڪروڙ 20 لک غريب خاندانن کي احساس ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي جنهن تي اهي اٽي، کنڊ، دالين ۽ گيهه تي سڌوسنئون سبسڊي حاصل ڪري سگهندا.