اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ ان سان دنيا جي لاءِ ڪاروباري موقعن جو رستو کلندو جنهن سان وچ ??يش??ائي رياستن سان رابطو قائم ٿي سگهندو. گڏيل عرب امارات?? جي جي دوري جي موقعي تي خليج ٽائمز کي انٽرويو ۾ هن چ??و ته افغانستان ۾ تباهي جو مطلب پاڪستان تي وڌيڪ پناهگيرن جو بار پوندو، پاڪستان پاڙيسري ملڪ ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي پر خواهش آهي ته ملڪ ۾ سمورين لاڳاپيل سياسي ڌري?? جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ٺوس حڪومت ٺهي وڃي. صدر افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۾ پاڪستا?? جي ڪردار جي تاثر کي رد ڪندي چ??و ته اسان رڳو انساني بنيادن تي طالبا?? جي مدد ڪري رهيا آهيون ڇو ته افغانستا?? جي عوام پابندين ۽ فنڊز جي بندش جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته افغانستان ۾ استحڪام پاڪستا?? جي مفاد ۾ آهي، آمريڪا افغانستان سان جلدي ۾ انخلا ڪيو ۽ اهو ته افعانستا?? جي مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي. صدر چ??و ته اسان سدائين آمريڪا کي جنگ کان بچڻ جي لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بهتر حل طور تي ڳالهي?? جي حمايت ڪئي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته جيڪڏهن آمريڪي ۽ نيٽو فوج 23 کرب ڊالر خرچ ڪرڻ جي باوجود افغانستان ۾ استحڪام نه آڻي سگهيا ته پوءِ پاڪستا?? جي لاءِ اهو ڪرڻ ڪيئن ممڪن هوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان 40 لک افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ افغان عوام کي ان کي هڪ خيرسگالي جو معاملو سمجهڻ گهرجي. افغانستا?? جي تازي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چ??و ته اسان افغانستان مان سفارتڪارن ۽ ٻين ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ پڻ تمام فعال ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا اسا?? جي انهن ڪوششن کي تسليم ڪيو آهي. هن چ??و ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ نه آهي جنهن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مهانگائي ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ جنسن ۽ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر ا?? جي باوجود حڪومت سپلائي چين مڪينزم ۽ بهتر نظم ۽ ضبط ذريعي خوراڪ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. صدر هڪ سوال جي جواب ۾ چ??و ته پاڪستان صحيح رستي تي آهي ۽ ان جو مستقبل روشن آهي. هن چ??و ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معيشت جي بحالي جهڙن سنگين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وقت سر ۽ صحيح قدم کنيا ۽ وبا جي باوجود گذريل مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي واڌويجهه جي شرح چار سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ايڪسپو کي هڪ شاندار ايونٽ قرار ڏيندي چ??و ته سڄي دنيا ۾ هڪ چئلينجنگ ماحول جي باوجود هڪ ڪامياب شو جي ميزباني ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ بصيرت رکندڙ قيادت ڏانهن وڃي ٿو، ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي جنهن خطي ۽ ان کان ٻاهر جي ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪيو، ايڪسپو ۾ اسان وٽ هڪ تمام خوبصورت پويلين آهي، هر هڪ کي ايڪسپو ۾ وڃي ان جو دورو ڪرڻ گهرجي جيڪو هڪ پرامن ملڪ جي طور تي پاڪستا?? جي مثبت ساک پيش ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خا?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جيڪو آچر ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صدر چ??و ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان ائٽمي طاقت ٺاهڻ ۾ پاڪستاني قوم جي مدد ڪئي ۽ هڪ شڪرگذار قوم سندس خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريندي.