اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا کي ڇاتي جي ڪ??نسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط لکي چيو آهي ته هو عورتن جي ڇاتي جي ڪ??نسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪ??ششن جو ساٿ ڏين ته جيئن مڪمل معلومات جلد سڃاڻپ وقت سر علاج جي ذريعي قيمتي انساني جانين کي موذي مرض جو شڪار ٿي?? کان بچائي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ عورتن ۾ ڪينسر جا 44 سيڪڙو ڪيس ڇاتي جي ڪ??نسر جا آهن، جلد سڃاڻپ ٿي?? سان مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو امڪان 98 سيڪڙو آهي، هن چيو ته معاشري ۾ منع ٿيل موضوع هجڻ جي ڪري عورتون مرض جي جلد سڃاڻپ ناهن ڪرائي سگهنديون آهن، جلد سڃاڻپ نه هجڻ ??بب ڇاتي جي ڪ??نسر ۾ مبتلا 50 سيڪڙو عورتون زندگي تان هٿ ڌوئي وهينديون آهن، صدر عورتن کي هر ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. آگاهي نه هئڻ ۽ پوءِ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير جهڙا معاملا ڇاتي جي ڪ??نسر کان وڌيڪ موت جو شرح جو ??بب بڻجندا آهن. دير سان مرض جي سڃاڻپ ٿي?? جي ڪري هڪ لک مان 50 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، صدر چيو ته بيگم ثيمنه علوي ۽ سندس ٽيم ڇاتي جي ڪ??نسر بابت آڪٽوبر ۾ ماڻهن کي آگاهي لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن انهن پروگرام ۾ پاڻ مرض جي سڃاڻپ ۽ مرض جي وقت سر سڃاڻپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا گذريل سال ماڻهن کي ڇاتي جي ڪ??نسر جي باري ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ موثر آگاهي مهم هلائي، ميڊيا خبرن، ٽاڪ شوز، ڪالمز ۽ ايڊيٽوريل جي ذريعي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته ميڊيا ڇاتي جي ڪ??نسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ڪ??ششن جو ساٿ ڏي. ميڊيا تنظيمون ڇاتي جي ڪ??نسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوگو کي (گلابي) رنگ ڏئي، هن چيو ته اجتماعي ڪ??ششون عورتن ۾ ڇاتي جي ڪ??نسر بابت مڪمل آگاهي، مرض جي جلد سڃاڻپ ۽ ان جي باري ۾ باقاعدگي علاج جي حوالي سان ??دد??ار ثابت ٿيندي.