اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? افغان حڪومت ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دنيا ۾ امن لاءِ پاڪستان جي خدمتن کي تاريخ جي سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. عمران خا?? ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار رهيو. اسان ته ڪنهن جي زمين تي پاڪستان ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسين پنهنجي زمين جي لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ??ي مداخلت برداشت ??ه ڪنداسين. افعانستان پنهنجي مسئلن کي خود حل ڪري ڇاڪاڻ ته پرامن افغانستان ئي پاڪستان لاءِ ضروري آهي. طورخم ۽ چمن بارڊر تي بلڪل امن ۽ سڪون آهي پر ڀارتي ميڊيا طرفان غلط بياني ڪئي وئي جنهن جي ترديد ڪيون ??ا. افغانستان ۾ طالبان کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ وزيراعظم عمران خا?? ۽ پرڏيهي وزارت جو فيصلو آهي.
اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. شيخ رشيد احمد چيو ته وزيراعظم عمران خا?? کي مبارڪباد ڏيان ٿو اڄ اسان جي حڪومت کي 3 سال پورا ٿي ويا آهن ۽ آئينده 2 سال پڻ عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين. وزيراعظم عمران خا?? ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائن جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو غلط فهمي جو شڪار آهي. هو هر ڪرپٽ ماڻهو ملڪ مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. گهرو وزير ٻڌايو ته وزارت جي سموري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته ڇهن هفتن اندر ويزا ڏيڻ واري عمل کي مڪمل ڪن. مگر وزيراعظم عمران خا?? هدايت تي اهو عمل هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو. جنهن ۾ سمورن سفارتڪارن، پرڏيهي ميڊيا کي ويزا ڏنا ويا ۽ سرڪاري موڪلن ۾ پڻ وزارت جون سموريون آفيسون کليل رهيون، جنهن ۾ آفيسر ۽ عملو ڪم ڪري رهيا آهن.
شيخ رشيد چيو ته پاڪستانين جون 3 بسون طورخم بارڊر تان گذريل ڏينهن صبح جو ڪليئر ڪيون ??يون جڏهن ته ٻيا جيڪي به پاڪستاني اتي موجود آهن انهن سان افغاني خا??دان آهن ۽ انهن کي به سهولتون ڏئي رهيا آهيون. هن وقت 900 سفارتڪارن ۽ عملي جي 613 پاڪستانين کي هتي کڻي آيا آهيون. جيڪو ماڻهو افعانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي ان کي رجسٽرڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان نه ته ڪنهن جي زمين تي پاڪستان ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي اسان پنهنجي زمين تي ڪنهن ٻئي ملڪ ??ي مداخلت برداشت ڪنداسين.