اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي ??مين گنڊاپور، سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ اسيمبل?? ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ ۾ قانونسازي ۽ ??ين??ڙ بجيٽ جي حوالي ??ان تفصيلي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاد وسيم وزيراعظم کي حڪومتي پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اشارن ۾ مثبت تبديلي ??ي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبل?? ميمبرن به ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو، جڏهن ته اسيمبل?? ميمبرن ۾ عطاءُ الله خان، فهيم خان، آفتاب جهانگير، اسلم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل خان شامل هئا، ملاقات ۾ ڪراچي جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سان ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير علي ??مين گنڊاپور، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي به ملاقات ڪئي.