اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعمير ۽ پن بجلي جا منصوبا شامل آهن، ??هم??د ڊيم منصوبو مڪمل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن بجلي، 12 لک ايڪڙ فوٽ ايڪڙ پاڻي ذخيرو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿيو جيڪو نومبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم جي ??هم??د ڊيم جي دوري جي حوالي سان پ??هنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان ??هم??د ڊيم سائيڊ جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته ??هم??د ڊيم هائيڊرو پ??ور پراجيڪٽ، ديامرڀاشا، داسو هائيڊرو پاور، ڪرم تنگي ڊيم ملٽي پرپز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوهائيڊرو پ??ور پراجيڪٽ، سنڌ بيراج پراجيڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۽ نئين گنجي پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ سان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 29 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 9 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اضافي زمينون آباد ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نو??رين جا موقعا پيدا ٿيندا.