اسلام آب??د ?? 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته سينيٽر او??نگ??يب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي او??نگ??يب خ??ن سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ٿي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر او??نگ??يب خان جي رهائشگاهه تي صحا??ين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر او??نگ??يب خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته سينيٽر او??نگ??يب خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اس??ن سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اس??ن سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر او??نگ??يب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.