اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب معاشري جي ڪمزور طبقن کي گه??ن جي تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي ڏس ۾ حڪومت کي اهم ڪاميابي ملي آهي. حڪومت پاران ناليواري تنظيم اخوت کي فراهم ڪيل 5 ارب رپين جي رقم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هيستائين ساڍا 7 هزار (7572) گه??ن جي تعمير جي لاءِ 3.35 ارب رپيا استعمال ۾ آندا ويا آهن ۽ هيستائين فراهم ڪيل رقم جي ريڪوري جو تناسب ??ئو سيڪڙو رهيو آهي. واپس ??لندڙ رقم کي وڌيڪ خاندانن کي فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته 2416 وڌيڪ درخواستن تي ڪم جاري آهي، فائدو کڻندڙ خاندانن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن تي ٻ??ل ??هي جن جا مالي وسيلا انتهائي محدود هئا. پروگرام مان فائدو کڻندڙ خاندانن وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.