اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ??شن?? سيوريج، ??ولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪو??تو?? آيون پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي جي ترقياتي جي لاءِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ذميواري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ??هڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر پارٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، مخالف ڌر پارٽين جي ??ذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخالف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخطرو آهي، انهن کي مشورو آهي ته ماسڪ پائي احتجاج ڪن.