اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان مٽاسٽ?? جي ناڻي ۾ نمايان اضافي تي خوشي جو اظهار ??ند?? آگاهه ڪيو آهي ته آگسٽ 2020ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين مٽاسٽا ناڻي جي مدي ۾ 2095 مل??ن ڊالر موڪلي?? جيڪي گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ 24.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2020ع ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 2768 مل??ن ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهتو، هن چيو ته الحمد الله هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن جي دوران اهو مٽاسٽا جو ناڻو گذريل سال جي انهي عرصي دوران جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ رهيو.