اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمنگ انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد ??جل??س جي صدارت ڪري رهيو هو، ??جل??س ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو سيڪريٽري، شعي?? صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام ??جل??س کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چوڌري فواد حسين ٻ??اي?? ته سندس وزارت زرعي شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽي واري وزير ??جل??س کي ٻ??اي?? ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرعي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.