اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مشڪل حالتن ۾ ڪراچ?? جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، شديد برساتن سان سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي ڪراچ?? جي عوام جي مشڪلاتن کان حڪومت مڪمل آ??اه?? آهي، ڪراچ?? جي عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ ج??د منصوبي جو اعلان ڪنداسين. سماجي رابط?? جي ويب سائيٽ ٽوئ??ٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گورنر سان مسلسل رابطي ۾ آهيان، ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، متاثرين کي کاڌو، ڇت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي جو به حڪم ڏنو آهي.