اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگن ج?? ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاص?? ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن ج?? حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏي??ي وزارت ۾ ميڊيا ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏي??ي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن امان ج?? مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليسين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ج?? خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي نفرت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي تناسب کي تبدي?? ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانونن ج?? منافي آهي. پرڏي??ي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان ج?? نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.