اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7137 ارب رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو وي??دو، سماجي تحفظ جو پروگرام 187 ارب مان وڌائي 205 ارب رپيا ڪيو وي??، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي لاءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6573 ارب رپيا مقرر ڪيو وي?? آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 650 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي، سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا گهٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي شرح کي خام مال تي 5.5 س??ڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 س??ڪڙو مان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو وي?? آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو وي??، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي ساليانو فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو وي??دو، ڊبل ڪيبن پڪ اپ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سيڪڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ٻين شين تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سيڪڙو مان وڌائي 100 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي 0.4 سيڪڙو مان وڌائي 2.1 سيڪڙو تي آن??و وي??دو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سيڪڙو تائين محدود رکيو وي??دو، ناڻي واڌ جي شرح 9.1 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 6.5 س??ڪڙو تائين آن??ي وي??دي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو تائين جو اضافو ڪيو وي??دو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ مالي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون وي??ن ۽ انهن مان ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي مالي بل جو حصو بڻايو وي??. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ارب رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ارب رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو وي??دو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ارب رپيا آهي. ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ارب رپيا لڳايو وي?? آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ارب رپين تائين رهڻ جي اميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو بڻجي ٿو ۽ پرائمري بيلنس 0.5 س??ڪڙو هوندو. غريبن جي احساس پروگرام جي بجيٽ وڌائي 208 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون سبسڊيز ڏيڻ جي لاءِ 179 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي 64 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. گهٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي 30 ارب رپيا فراهم ڪيا ??هن. اخوت فائونڊيشن جي قرضه حسنه اسڪيم ذريعي گهٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي تعمير جي لاءِ ڏيڍ ارب رکيا ويا ??هن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي لاءِ 55 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا ??هن. خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 56 ارب رپيا رکيا ويا ??هن. ان کانسواءِ سنڌ کي 19 ارب رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب رپين جي خصوصي گرانٽ انهن جي اين ايف سي حصي کان وڌيڪ ڏني وئي آهي.